|
سماج جي هر شعبي اندر هڪ الڳ سماج يا جاتي وجود رکندي
آهي، جنهن جو وري پنهنجو منفرد ۽ جدا ڪلچر ٿئي ٿو.
ايئن ئي ادبي سماج جو پنهنجو الڳ ڪلچر ٿيندو آهي ۽ اهو
سنڌ جي ادبي سماج ۾ به زندهه آهي. وقت ۽ زماني جو
بدلاءُ هر شيءَ ۾ تبديليءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿو، ايئن ئي
سنڌ جو ادبي ڪلچر به مختلف وقتن ۽ حالتن جي اثر هيٺ
تبديليءَ جي اهڙي عمل مان گذرندو رهيو آهي. موجوده
زماني ۾ اهو ڪلچر ڪتابن جو انگ وڌائڻ، گهر جا پئسا
خرچ ڪري مهورتون ڪرائڻ، پاڻ سان پاڻ شامون ملهرائڻ ۽
اهڙن ماڻهن کان مهاڳن لکرائڻ جهڙين رسمن تي مشتمل آهي،
جيڪي هر حال ۾ صاحبِ ڪتاب جي واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ
ڪرڻ جو تجربو رکندا هجن. اسان وٽ اهڙا ڪيئي ”پروفيشنل
مهاڳ نويس“ يا ”هر مرض تي پوندڙ مقالي نگار“ آسانيءَ
سان ملي ويندا، جن وٽ ادب فقط لفاظي ۽ تخليق فقط سٽن
جي باترتيب ڍير جو نالو آهي. انهن وٽ تخليق جي ڳَرُ،
روح ۽ جوهر جو ڪو تصور موجود نه آهي، جيڪو ئي فن جي
اصل جان آهي. نتيجي ۾ بقول
وڌيڪ |